چاچر (تال)

چاچر (تال): موسيقيءَ جي فن ۾ هي ٻارهن ماترائن جو تال آهي، جيڪو چئن حصن ۾ ورهايل هوندو آهي. هن تال جو پهريون ۽ ٽيون حصو ٽن ٽن ماترائن جو، ٻيو ۽ چوٿون حصو چئن چئن ماترائن جو ٿئي ٿو. جڏهن ته اُن جو اٺون حصو خالي هوندو آهي. ان سميت چوٿين ۽ يارهين حصي ۾ ماتراتي تال ايندي آهي. هن تال جو پهريون ٺيڪو ڌا- ڌن- ان- ڌاگي- تن - ان، ناتن-- ان- ڌاگي ڌن- ان ۽ ٻيو ٺيڪو ڌا- ڌا- آ- ت- ٽ - ت - ن، تا- تا- آ، ڌن- ڌن هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو